SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اقتصادي آزاد خيالي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اقتصادي آزاد خيالي

Economic Liberalism

ايڪنامڪ لبرلزم

سياسي آزاد خياليءَ تي ٻڌل اقتصاديات جو هيءُ هڪ نظريو آهي. ان جو تعلق مشهور اقتصادي ماهر ’آدم سمٿ‘ (Adam Smith)۽ اڻويهين صديءَ ۾ آزاد پڙيءَ (Free Market) جي مُفڪرن ۽ ڏاهن جي گروپ سان آهي. اهو گروپ ذاتي ملڪيت جي تصور کي هٿي ڏيندي سياسي ۽ سماجي آزادي کي معاشي ترقيءَ جو اڻ ٽٽ حصو ڄاڻائي ٿو. اِن نظريي مطابق ڪامياب معاشي پاليسيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڪو به مُلڪ يا رياست اندروني طور اقتصادي استحڪام حاصل ڪري. اهڙي سگهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا به رياست آسپاس واري علائقي جي سياسي حالتن مطابق پنهنجي سماج کي ٽارگيٽ (Targets) جي حاصلات تائين محدود رکي. جڏهن ته رياستي اختيارين جو بنيادي ڪم رياست کي ٻاهرين خطري کان محفوظ رکڻ آهي. هيءُ نظريو معاشي سرگرمين ۾ ڪنهن حد تائين ته رياستي مداخلت کي جائز قرار ڏئي ٿو، پر آخرڪار پِڙيءَ جي آزاديءَ کي معاشي ترقيءَ جو اهم راز ڄاڻائي ٿو. بين الاقوامي طور هن نظريي جو مقصد آزاد واپار کي هٿي وٺرائڻ آهي. آزاد واپار جي حامين مطابق بين الاقوامي نظام ۾ هڪ ٻئي سان اهڙا ناتا قائم ڪري تڪرار جي اهم معاشي ڪارڻن کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

تعين ڪرڻ

مقرر ڪرڻ ، بحال ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal